اداره سچل سرمست

اداره سچل سرمست: ’اداره سچل سرمستشڪارپور جو باني اديب ۽ شاعر آغا عبدالنبي ’عليگ‘ هو. سن 1965ع ۾ هي ادارو قائم ڪيو ويو. شروع کان ئي صوفي جهامنداس ’عاشق‘ ان جو سيڪريٽري رهندو آيو. هن اداري پاران مشاعرن جون محفلون ٿينديون رهنديون آهن. آغا عبدالنبي ’عليگ‘ جي انتقال کان پوءِ غلام نبي ’مير‘ کي ان جو صدر چونڊيو ويو هو. ’مير‘ صاحب جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند نور نبي ’مير‘ ان جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو